عبدالقيوم سڪندري مهر

عبدالقيوم سڪندري مهر

عبدالقيوم سڪندري مهر

عبدالقيوم سڪندري مهر: حافظ عبدالقيوم سڪندري ولد عبدالله فقير مهر 3 فيبروري 1982ع تي ڳوٺ سوندر، تعلقي ننگرپارڪر، ٿر ۾ جنم ورتو. هن بي. اي پاس ڪرڻ سان گڏ جامعه راشديه درگاهه پير جو ڳوٺ مان فارسي ۽ عربيءَ ۾ درس نظاميءَ جو ڪورس پڻ ڪيو. هن جامعه راشديه ۾ تعليم دوران مولوي عالم ۽ فاضل عربيءَ جا امتحان حيدرآباد بورڊ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيا. جامعه راشديه مان ئي شهادت العاليه (بي. اي) ۽ شهادت العالميه (ايم. اي) عربڪ و اسلامڪ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيائين ۽ 2005ع ۾ جامعه راشديه مان دستار فضيلت حاصل ڪري فارغ التحصيل ٿيو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم.فل ڪري رهيو آهي. هن تعليم دوران ئي لکڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون الراشد پير جو ڳوٺ، ماهوار الهديٰ شاهپور چاڪر، سلسليوار جهونگار، منصور سانگهڙ سان گڏ ٻين ڪيترن ئي رسالن توڙي اخبارن ۾ سندس مضمون، مقالا، ڪالم، خط، شاعري، خاڪا، انٽرويو ۽ رپورٽون ڇپيل آهن. ان کانسواءِ هن ڪيترائي ڪتاب به تصنيف ڪيا آهن ۽ وڏن عالمن سان گڏ سندن تصنيفات جي سهيڙ سنوار ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘عظيم شخصيت- عظيم ڪردار’ (1999ع)، ‘جامعه راشديه جا پنجاهه سال’ (2004ع) (مرتب: مفتي محمد رحيم سڪندري)، ‘سونهن ڀريو سوندر’ 2005ع)، ‘خزانة الفقه’ (2008ع)، ‘خزينة الاوراد’ (2009ع)، ‘باتاج بادشاهه’ (2012ع)، ‘الراشد ڇٽ ڌڻي نمبر’ (2012ع) ۽ ‘شام جون زيارتون’ (2009ع) وغيره قابل ذڪر آهن ۽ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيڻ لاءِ تيار آهن. هن وقت پاڻ ماهوار ‘الراشد’ پير جو ڳوٺ جو ايڊيٽر هئڻ سان گڏ مدرسه صبغة القرآن شاهه مردان شاهه سنجهورو ضلعي سانگهڙ ۽ مدرسه صبغة الفرقان اَوَڍ، تعلقي سانگهڙ ٻنهي علمي ادارن جون انتظامي ۽ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ عبدالقيوم سڪندري مهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.02.03  عيسوي

حافظ عبدالقيوم سڪندري ولد عبدالله فقير مهر 3 فيبروري 1982ع تي ڳوٺ سوندر، تعلقي ننگرپارڪر، ٿر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجب رام
رڪ صاحب فقير
ضياء الدين احمد
جمعو مُلون
ٽانوري خالق ڏنو وڪيل
جوهي چاولا
حنيف ساگر بڙدي
امام بخش عاصم
سردار بهادر محمد بخش ڪوجھي
پيتامبر سيوهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون